والاريل بيت المقدس- 19 فيبروري (اي پي پي) فلس??ين چيو آهي ته گڏيل قومن ۾ فلس??ين جي مڪمل رڪنيت لاءِ اسرائيل جي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو کان ؛لائيسن يا اجازت وٺڻ؛ جي ضرورت ناهي. العربيه اردو مطابق فلس??ين جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي انتظاميا سميت سمورا ملڪ فلسطيني رياست کي تسليم ڪري سگهن ٿا. اسان کي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرائڻ ۽ گڏيل قومن ۾ ان جي رڪنيت ڏيارڻ لاءِ اسرائيل جي وزير اعظم جي ضرورت ناهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته بينجمن نيتن ياهو نه رڳو فلسطيني رياست قائم ڪرڻ کي رد ڪري چڪو آهي پر والاريل بيت المقدس سميت اولهندي ڪناري ۾ يهود?? آبادڪاري کي واڌ ڏئي فلسطيني رياست جي امڪانن کي نقصان ڏئي رهيو آهي ۽ هو فلسطيني علائقن کي غزه کان مڪمل طور تي ڌار ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته فلس??ين جي پرڏيهي وزارت جو اهو بيان اسرائيلي حڪومت طرفان فلسطيني رياست کي هڪ طرفي طور تسليم نه ڪرڻ جي اعلان ??عد سامهون آيو آهي.
گڏيل قومن ۾ فلسطين جي مڪمل رڪنيت لاءِ اسرائيل جي وزير اعظم جي ضرورت ناهي: فلسطين
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری