قاهره-19 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر جي صدر الفتاح السيسي چيو آهي ته ??لسطينين جي جبري بي دخلي جي فيصلي تي عملدرآمد نٿو ڪري سگهجي. برطانوي خابرو اداري رائيٽرز موجب مصر جي صدر چيو ??ه دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ فلسطينين کي اسرائيل ج?? رڻ پٽ نيگ??و ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. مصر جي صدر فلسطينين جي غزه مان جبري بي دخلي جي خطرن کان خبردار ڪندي چيو ته ان سان فسلطينين جي اولهندي ڪناري کان اردن طرف جبري بي دخلي جو مثال قائم ٿي ويندو. مصر جي صدر جيڪو پناهگيرن جي غزه مان مصر ج?? رڻ پٽ سينا ۾ داخل ٿيڻ ??ي اجازت جي مطالبي کي رد ڪري چڪو آهي چيو ته ان سان فلسطيني رياست جي قيام جو مقصد ختم ٿي ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته ??ان مصر جي عوام کي چوندس ته ??و ٻاهر نڪري ۽ هن تجويز کي رد ڪرڻ جو اظهارڪن. مصر جي صدر چيو ته جيڪڏهن اسرائيل فلسطينين کي بي دخل ڪرڻ چاهي ٿو ته ??و فلسطينن جي هٿياربند گروپن طرفان پنهنجي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ ??ائين فلسطيني پناهگيرن کي پنهنجي صحرا نيگ??و ۾ موڪلي سگهي ٿو، جڏهن ته ??لسطيني پناهگيرن کي مصر موڪلڻ خطرناڪ هوندو.
فسلطينين جي جبري بي دخلي جي فيصلي تي عمل نٿو ڪري سگهجي: مصر
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea